چيتن ديوڪي ورما يمراج

چيتن ديوڪي، ورما ’يمراج‘: سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ليکڪ، شاعر ۽ هدايتڪار 1929ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. ڪيترائي مضمون ۽ ناٽڪ لکيا اٿس ۽ 60 سالن تائين لکندو رهيو آهي. سو کان مٿي ڪتاب شايع ڪيل اٿس. ڪتابن ۾: ’ٻليدان مندر‘، ’راجپـوتي اتـهـاس‘، ’ويدڪ ڌرم‘، ’رشي ديانند‘، ’مهاراج نٿورام شرما‘ مشهور اٿس. ڪيترن ناٽڪن ۾ هدايتڪاري ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ هندستان هليو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو